لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ميمونه قدوس انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ هم جنس پرستي وارو لاڙو لاهور کان شروع ۽ لاهور ۾ اهو معاملو گهڻو عام آهي.
پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪاره ميمونه قدوس هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز انڊسٽري ۽ مختلف شهرن جي ماڻهن جي روين کُلي ڳالهايو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ به هم جنس پرستي وارا معاملا موجود آهن، پر لاهور ۾ سرعام پارٽيون ٿين ٿيون ، جڏهن ته اهڙا ڪم لڪل محفلن تائين محدود هئڻ گهرجن.
ميمونه قدوس چيو ته لاهور جي انڊسٽري ۾ وڌيڪ گند موجود آهي ۽ اتان جا ماڻهو وڌيڪ غلط آهن، لاهور جي ماڻهن وٽ ايترا پئسا ناهن هوندا، پر ڳالهيون ڪروڙن جون ڪندا آهن ۽ ٻين تي سرسي ڏيکارڻ جا عادي آهن.
ان جي ابتڙ ميمونه قدوس جو چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻهو وڌيڪ پروفيشنل آهن، ايتري قدر جو پروفيشنل ازم انسانيت کان به اڳتي نڪري ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻهو مطلب کانسواءِ ڪو تعلق قائم نٿا ڪن، ايتري قدر جو گرل فرينڊ بڻائيندي به ڊيل ڪندا آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ڇوڪريءَ کي اها آڇ ڪئي ويندي آهي ته جيڪڏهن هوءَ گرل فرينڊ بڻجي ته ان جي بدلي ۾ کيس ڇا ملندو، ٻي صورت ۾ ڳالهه ختم.
پوڊ ڪاسٽ دوران ميمونه قدوس اِهو به اعتراف ڪيو ته شوبز انڊسٽري ۾ ”ڪاسٽنگ ڪائوچ“ (ڪم جي بدلي جنسي تعلق) جو رواج موجود آهي ۽ اهو رڳو عورتن تائين محدود ناهي، پر مرد به ان جو شڪار ٿين ٿا، رڳو عورتون نه پر مرد به هراسان ۽ استحصال جو نشانو بڻجن ٿا.
You might also like