گهرو وزارت پاران سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جا حڪم جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل حڪمن موجب سپريم ڪورٽ جي هر رٽائرڊ جج کي 3 پوليس اهلڪار 24 ڪلاڪ سيڪيورٽي لاءِ ڏنا ويندا.
ياد رهي ته 5 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار چيف جسٽس پاڪستان جي منظوري سان گهرو وزارت کي رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان باضابطا طور خط موڪليو هو.
خط ۾ چيو ويو هو ته ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي هر رٽائرڊ جج کي 3 پوليس اهلڪارن تي ٻڌل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.
خط ۾ اهو به چيو ويو هو ته لاڏاڻو ڪري ويل ججن جي بيواهن کي به 3 پوليس اهلڪارن جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن سندن حفاظت يقيني بڻائي سگهجي.
پر 17 سيپٽمبر تي ٻئي خط ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ججن جي بيواهن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جون هدايتون واپس ورتيون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.