غزا سميت جتي ضرورت هجي 20 هزار فوجي موڪلڻ لاءِ تيار آهيون: انڊونيشين صدر

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ غزا لاءِ وڏي آڇ ڪري ڇڏي.
انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو چيو ته انڊونيشيا سدائين عالمي امن مشنز ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
هن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل يا جنرل اسيمبلي فيصلو ڪري ٿي ته اسان پنهنجا 20 هزار فوجي امن مشن سان گڏ غزا موڪلڻ کان نه ڪيٻائينداسين.
انڊونيشيا جي صدر ٻه رياستي حل جي حمايت ڪندي چيو ته آزاد فلسطيني رياست جي قيام سان ئي غزا ۾ پائيدار امن ممڪن آهي.
هن ان ڳالهه جي به حمايت ڪئي ته آزاد فلسطيني رياست سان گڏ اسرائيل کي گهربل سلامتي جون خاطريون به فراهم ڪيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته امن جي قيام ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ پرعزم آهيون، غزا کانسواءِ دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ اهو فرض نڀائي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.