لندن(ويب ڊيسڪ) برطانوي پاپ گلوڪارا دعا ليپا پنهنجي ايجنٽ کي فلسطين مخالف موقف سبب برطرف ڪرڻ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ويجهڙ ۾ ڊيلي ميل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته دعا ليپا پنهنجي ايجنٽ ڊيوڊ ليوي کي برطرف ڪيو، ڇو ته هو مبينا طور هڪ ڳجهي خط تي صحيح ڪري چڪو هو، جنهن ۾ پرو-فلسطين ريپ گروپ ني ڪيپ (Kneecap) کي گلاسٽنبري ميوزڪ فيسٽيول مان هٽائڻ جي گهر ڪئي وئي هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته دعا ليپا پنهنجي ايجنٽ کي انهيءَ ڪري برطرف ڪيو ڇو ته سندس فلسطين بابت موقف ايجنٽ جي سوچ سان هڪجهڙائي نه پيو رکي.
گلوڪارا جو خيال هو ته ايجنٽ اسرائيل جي غزا ۾ جنگ ۽ فلسطيني عوام سان ٿيل ورتاءُ جو حامي آهي ۽ اها ڳالهه انهي خط تي صحيح ٿيڻ مان واضح ٿي وئي.
پر دعا ليپا پنهنجي انسٽاگرام تي واضح ڪيو ته ”هوءَ ليوي يا ٻين ميوزڪ ايگزيڪٽيو جي اهڙن قدمن جي حمايت نٿي ڪري جيڪي ڪنهن فنڪار کي پنهنجي راءِ جي اظهار کان روڪين، پر هوءَ اهو به نظرانداز نٿي ڪري سگهي ته ميڊيا ان معاملي کي ڪيئن پيش ڪيو.“
هن چيو ته اها ڪهاڻي بلڪل ڪوڙي آهي ۽ ڊيلي ميل ڄاڻي واڻي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ آن لائين تڪرار وڌائڻ لاءِ اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ڪئي هئي.
گلوڪارا وڌيڪ چئي ته هوءَ هميشه فلسطين جي آزاديءَ واري نعري جي حمايت ڪندي رهي آهي، پر عالمي سانحي مان فائدو وٺي اخبارون وڪڻڻ کي هوءَ پريشان ڪندڙ عمل سمجهي ٿي.
ڊبليو ايم اي جي هڪ ترجمان به رپورٽن جي ترديد ڪئي ۽ ٻڌايو ته اهڙي قسم جون رپورٽون ته دعا ليپا يا سندس مئنيجمينٽ ڪنهن ايجنٽ کي سندس سياسي راءِ سبب برطرف ڪيو، بلڪل غلط آهن.
ترجمان چيو ته ڊيوڊ ليوي دعا جي شروعاتي ڪيريئر (2016-2019) دوران اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٽيم جو اهم ميمبر سمجھيو ويندو هو، پر 2019 ۾ هو لنڊن مان منتقل ٿيڻ بعد مشاورتي ٽيم ۾ شامل ٿي ويو ۽ هلندڙ سال جي شروعات ۾ مڪمل طور ٻين منصوبن کان الڳ ٿي ويو.
واضح رهي ته لاڳاپيل خط هڪ اي ميل هئي جيڪا گلاسٽنبري جي اتنظاميا سميت خالق ايوس ڏانهن اُماڻي وئي هئي، جنهن کي ڳجهو رکڻ باوجود هڪ ملازم ذريعي ليڪ ڪيو ويو.
دعا ليپا ڊگهي عرصي کان فلسطين جي حق ۾ آواز اُٿاريندي رهي آهي، 2021 ۾ هن نيو يارڪ ٽائيمز جي هڪ اشتهار تي تنقيد ڪئي جنهن ۾ کيس ۽ ماڊلز بيلا ۽ جيجي حديد کي پرو-فلسطين موقف جي اظهار تي يهودي مخالف قرار ڏنو ويو هو.
آڪٽوبر 2023 ۾ هوءَ اهڙين مشهور شخصيتن ۾ شامل هئي جن آمريڪي صدر جو بائيڊن کي خط لکي غزا ۾ جنگبندي جي گهر ڪئي هئي ۽ جنوري 2024 ۾ هن رولنگ اسٽون سان هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي موقف جي تصديق ڪئي.
گذريل مئي ۾ هن #AllEyesOnRafah مهم جي حمايت ڪئي ۽ انسٽاگرام تي لکيو ته ٻارن کي جيئڙو ساڙڻ ڪڏهن به جائز نٿو ٿي سگهي، سڄي دنيا اسرائيلي نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سرگرم آهي، مھرباني ڪري غزا سان ايڪي جو اظهار ڪيو.
You might also like