ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، فتنه الخوارج جا 13 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 24 سيپٽمبر تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، نتيجي ۾ 13 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويلن دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو، اهي ڪيترين ئي تخريبي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.