ڪهڙي ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي ۽ ڪيئن؟

دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان جي سريلنڪا خلاف 5 وڪيٽن تان ڪاميابي کان پوءِ هاڻي سپر فور مرحلي ۾ چئني ٽيمن جي فائنل ۾ پهچڻ جو امڪان موجود آهي.
سپر فوپر مرحلي مان ٽاپ ٻه ٽيمون فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جتي هر ٽيم کي ٽي، ٽي ميچون کيڏڻيون آهن.
پوائنٽس ٽيبل موجب، ڀارت هڪ ميچ کٽي 2 پوائنٽن سان پهرئين نمبر تي آهي، پاڪستان ٻن مان هڪ ميچ کٽي 2 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته بنگلاديش هڪ ميچ کٽي 2 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.
سريلنڪا ٻئي ميچون هارائڻ کانپوءِ چوٿين يعني آخري پوزيشن تي آهي.

بنگلاديش ڪيئن فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو؟
بنگلاديش سپر فور افتتاحي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن سان شڪست ڏني، ان جو نيٽ رن ريٽ 0.121 آهي. جيڪڏهن هو اڄ ڀارت کي شڪست ڏئي ٿو ته ان فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.
پر حتمي فيصلو جمعي تي ڀارت ۽ سريلنڪا ميچ کانپوءِ نيٽ رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو.
جيڪڏهن بنگلاديش ڀارت کان هارائي ويو ته پوءِ پاڪستان خلاف ميچ سيمي فائنل جي صورت اختيار ڪري ويندي، جتان فاتح ٽيم فائنل ۾ ڀارت خلاف کيڏندي.

ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جو روڊ ميپ
ڀارت هن وقت تائين ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست ٽيم آهي، جنهن پاڪستان کي وڏي مارجن تان هارائي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ان جو نيٽ رن ريٽ 0.689 آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن ڀارت اڄ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٿو ته سڌي ريت فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪري ويندو ۽ پوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش واري ميچ مان جيڪو فاتح ٿيندو اِهو فائنل ۾ ان سان مقابلو ڪندو

پاڪستان کي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو ؟
پاڪستان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ واپسي ڪئي آهي ۽ هن وقت 2 پوائنٽن ۽ 0.226 نيٽ رن ريٽ سان ٻئي نمبر تي آهي.
پاڪستان لاءِ بهترين صورتحال اِها آهي ته اڄ ڀارت بنگلاديش کي هارائي ۽ پوءِ پاڪستان کي پاڻ به خميس تي بنگلاديش خلاف فتح حاصل ڪري ته جيئن ڀارت سان گڏ 28 سيپٽمبر تي فائنل کيڏي سگهي.

سريلنڪا جي فائنل ۾ پهچڻ جا به امڪان موجود آهن
ڇهه ڀيرا ايشين چيمپيئن رهندڙ سريلنڪا سڀ کان ڏُکي پوزيشن ۾ آهي.
سريلنڪا جو امڪان ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي کي وڏي مارجن تان هارائي.
ان کانپوءِ سريلنڪا آخري ميچ ۾ ڀارت کي به وڏي فرق سان شڪست ڏيڻي پوندي.
اهڙي صورتحال ۾ ڀارت، پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٻه، ٻه پوائنٽون هونديون، جنهن کانپوءِ نيٽ رن ريٽ فائنل جي فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پر جيڪڏهن ڀارت اڄ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٿو ته سريلنڪا جا فائنل ۾ پهچڻ جا هڙئي امڪان ختم ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.