هيلمٽ تي بال لڳڻ وارو واقعو، فخر زمان جي صحت بابت اپڊيٽ جاري

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف ميچ دوران هيلمٽ تي بال لڳڻ کانپوءِ فخر زمان کي مڪمل طور فِٽ قرار ڏنو ويو آهي.
ابوظهبي ۾ اڱاري ڏينهن سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا خلاف بيٽنگ دوران فخر زمان کي هيلمٽ تي فاسٽ بالر دشمنٿا چميرا جو بال لڳو، جنهن کان پوءِ فخر کي طبي امداد ڏني وئي ۽ هن 19 بالن تي 17 رنسن جي اننگز کيڏي.
فخر زمان جي حوالي سان اطلاع آهن ته هو ميڊيڪل بورڊ جي نگراني هيٺ آهي پر هن اڃا تائين مٿي ۾ تڪليف جي ڪا شڪايت ناهي ڪئي، جنهن تي کيس مڪمل طور فِٽ قرار ڏنو ويو آهي.
آءِ سي سي جي ضابطن تحت مٿي تي بال لڳڻ کان پوءِ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين رانديگر کي نگراني هيٺ رکيو ويندو آهي، ميڊيڪل ٽيم دبئي ۾ اڄ رات وري فخر زمان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.
ذريعن موجب اطلاع آهن ته فخر زمان خيريت سان آهي ۽ خميس تي بنگلاديش خلاف ميچ ۾ حصو وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.