ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مئنيجمينٽ سريلنڪن ڪرڪيٽر دُنيٿ ويلالاگي سان سندس پيءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
اي سي سي ايگزيڪٽيو بورڊ ميمبر سلمان نصير، پي سي بي چيئرمين ۽ صدر اي سي سي محسن نقوي جي طرفان افسوس جو اظهار ڪيو.
ڪپتان سلمان علي آغا، ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيما، هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن دنيٿ ويلا لاگي سان تعزيت ڪئي.
سي او او پي سي بي سمير احمد سيد به سريلنڪن ڪرڪيٽر سان افسوس جو اظهار ڪيو.
ڪپتان سلمان علي آغا، هن مشڪل وقت ۾ ويلالاگي کي آٿت ڏني.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دُنيٿ ويلالاگي جي والد جو سريلنڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
You might also like