ايشيا ڪپ سپر فور: ڀارت هٿان پاڪستان کي شڪست

دبئي (م ڊ) ٽي 20 ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٻئي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان بيٽنگ جي دعوت ڏني. سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته اسان به بالنگ ڪرڻ ئي پسند ڪريون ها. ٽاس جي موقعي تي سوريا ڪمار ياديو پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ نه ملايو. ميچ ۾ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ ئي هو. پاڪستان ڀارت کي 172 رنز جو هدف ڏنو. گرين شرٽس مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنز ٺاهيون، صاحبزادا فرحان 58 رنز جي اننگز کيڏي. صائم ايوب ۽ محمد نواز 21، 21، فخر زمان 15 ۽ حسين طلعت 10 رنز ٺاهي پويلين موٽيو، سلمان علي آغا 17 ۽ فهيم اشرف 20 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت جي شيوم دوبي 2، هارديڪ پانڊيا ۽ ڪلديپ ياديو هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، محمد نواز رن آئوٽ ٿيو. ڀارت طرفان شبمن گل 28 بالن تي 47 رنز ٺاهيون ۽ فهيم اشرف جي بال تي آئوٽ ٿيو، ڀارت جي پهرين وڪيٽ 105 رنز تي ڪري. سوريا ڪمار ياديو بنا رنز جي حارث رئوف جي بال تي ابرار احمد هٿان ڪيچ ٿي ويو. اڀيشيڪ شرما 39 بالن تي 74 رنز جي اننگ کيڏي، کيس ابرار احمد حارث رئوف جي مدد سان آئوٽ ڪيو. تلڪ ورما 30 ۽ هرديڪ پانڊيا 7 وڪيٽون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ڀارت 4 وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوور 5 بالن تي هدف حاصل ڪري ورتو. ميچ دوران حارث رئوف ۽ اڀيشيڪ شرما وچ ۾ گرما گرمي ٿي. حارث رئوف جي اوور جي پهرئين بال تي ڀارتي اوپنر شبمن گل چوڪو هنيو، ان شاٽ تي حارث رئوف ۽ ڀارتي بيٽر اڀيشيڪ شرما وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن تي امپائر کي مداخلت ڪرڻي پئي. اوور ۾ اڀيشيڪ شرما 7 رنز ٺاهيون. تماشائي به ڇڪتاڻ مان لطف وٺندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.