پاڪ سعودي معاهدي تي پارليامينٽ ۾ ڪو به بحث نه ٿيو:امداد قاضي

فيصل آباد(پ ر) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي بابت نه قومي اسيمبليءَ ۾ ڪو بحث ٿيو، نه سينيٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ نه ئي ڪابينا کان منظوري ورتي وئي. عوام ۽ ان جي چونڊيل نمائندن جي ڪا به حيثيت باقي نه رهي آهي. هن معاهدي جو فيصلو هڪ فرد ۽ غير سياسي، غير چونڊيل حڪومتي اداري ڪيو آهي، جن کي ان جو اختيار ئي حاصل ناهي. هي ڳالهه هاڻ پڪ سان سامهون اچي وئي آهي ته ملڪ تي حڪمراني غير جمهوري ۽ غير سياسي ادارو ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ رڳو ڏيکاءُ جي شئي بڻجي وئي آهي.ان کان علاوه، وچ اوڀرٰ ۾ جنگ جا بادل ڇانيل آهن. اهڙي صورتحال ۾ هي دفاعي معاهدو ڪري پاڪستان پنهنجن دشمنن ۾ واڌارو ڪيو آهي. اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جي فيصل آباد ۾ ٿيل اجلاس کان پوءِ، پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي پاران پريس کي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيون ويون آهن .بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي پاڪستان کي ڪنهن به سامراجي مرڪز، پراڻي يا نئين جو پراڪسي نه بڻايو وڃي،قومي وحدتن جي آئيني اختيارن کي ختم ڪري انهن جي قدرتي وسيلن، خاص ڪري معدنيات ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ، اين ايف سي کي تبديل ڪرڻ ۽ هاڻ ته نون صوبن جي ٺهڻ بابت به صوبن جا اختيار ختم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چين جي عالمي طاقت طور اڀرڻ سان دنيا نه ته ٻه قطبي ٿي وئي آهي، نه ئي گهڻ قطبي. هاڻ سڄي دنيا هڪ ئي سرمائيدار نظام جي تابع آهي، جنهن ۾ مختلف مرڪز اڀري آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.