منيلا(عوامي آواز نيوز)فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ هزارين شهرين حڪومتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو، جنهن دوران مظاهرين ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ به ٿي۔غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مظاهري دوران ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي،، هڪ ڪنٽينر کي باهه ڏني وئي ۽ پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ڇڏيو، احتجاج ۾ لڳ ڀڳ 50 هزار ماڻهو شرڪت ڪئي۔ بعد ۾ هزارين مظاهرين اي ڊي ايس اي شاهراهه تي گڏ ٿيا ـ اها ساڳي جاءِ آهي جتي 1986ع ۾ عوامي تحريڪ مارڪوس سينيئر کي اقتدار تان هٽايو هو۔رپورٽن موجب، حڪومت خلاف احتجاج خاص طور تي فلڊ ڪنٽرول پروجيڪٽس ۾ بدانتظامي سبب شروع ٿيو، جتي 9 ارب 54 ڪروڙ ڊالر خرچ ٿيڻ باوجود برساتن ۾ ڪيترائي شهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا هئا۔فلپائن جي صدر احتجاجن جي حمايت جو اعلان ڪندي مبينه ڪرپشن تي آزادانه جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي