سنڌ جي هڪ سينئر صوبائي وزير جو فرنٽ مين گرفتار ٿيڻ جا اطلاع؟

ڪراچي(حنيف دوامي) سنڌ ۾  وزيرن، بيوروڪريسي ۽ سندن فرنٽ مينن خلاف هڪ وڏي آپريشن جي شروعات ٿي چڪي آهي سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ  کان پوءِ سينئر صوبائي وزير جو فرنٽ مين به اغوا يا گرفتار ٿيڻ جا اطلاع؟ تفصيل موجب سنڌ ۾ اهم ترين عهديدار جي فرنٽ مين جي گرفتاري کان پوءِ هاڻي سنڌ جي هڪ سينيئر وزير جو فرنٽ مين به مبينا طور اغوا يا گرفتار ٿيو آهي، هن اطلاع کانپوءِ ٻين وزيرن ۽ سندن سيڪريٽرين ۾ به سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، هرڪو پنهنجي ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ پنهنجن فرنٽ مينن کي ”هيڏانهن هوڏانهن “ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي گرفتار نه ٿين، ڇو ته جيڪڏهن اهي هٿ لڳي ويا ته ڪرپشن جا ثبوت ”ادارن“ تائين پهچي سگهن ٿا۔ڪراچي مان خاص نمائندي جي رپورٽ موجب، گذريل ٻن هفتن کان فرنٽ مينن جي گرفتارين ۽ ”وٺ پڪڙ“ جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، شروعات  ۾سنڌ ۾ اهم عهديدار جي فرنٽ مين جي کنڀجڻ واري  واقعي کانپوءِ ڊفينس ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪري، ڪيس داخل ڪرڻ جي جرم تي ”غيبي دٻاءُ“ تي ايس ايڇ او لائن حاضر ڪيو ويو، ادارن وٽ وزيرن جي  20 کان وڌيڪ فرنٽ مينن جي لسٽ موجود آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ حساس ادارا گڏجي ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ پوليس جا ڪجهه آفيسر به مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن،لسٽ ۾ موجود فرنٽ مينن جي ڪال رڪارڊز، بريف ڪيسن جي اچ وڃ، ڪميشن جا تفصيل سڀ ڪجهه ادارن جي  هٿ ۾ اچي ويو آهي۔ ڪنهن به وقت وڌيڪ گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون.

  1. بلاول ڀٽو جي ويزن خلاف سازش؟ مفت بجلي واري منصوبي ۾ اربين رپيا ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي (فهيم صديقي)بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي پٺي ڏئي اربين رپين جي ڪرپشن عالمي اداري ورلڊ بئنڪ جي قرض مان ڪئي وئي، جيڪو قرض وري عوام کي ئي واپس ڪرڻو آهي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چونڊ نعري ۾ هن 300 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. بلاول اقتدار ۾ نه آيو، پر سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ جي پئسن تي اهو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو. ظاهري طور ته عوام لاءِ سهولت هئي: ٽي بلب، هڪ پکو ۽ 80 واٽ جو سولر پينل بيٽري سان گڏ ورهائڻو هو، پر حقيقت ۾ اهو منصوبو ڪرپشن جو نئون دڳ بڻجي ويو. ٽينڊر جي ڪارروائي ۾ ظاهري طرح آمريڪا، چين ۽ برطانيا جون ٽي ڪمپنيون شامل ڪيون ويون، پر حقيقت ۾ سڀ هڪ ئي هٿ هيٺ هيون، جنهن جو نالو وقاص علي ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو اڳتي هلي جعفر خواجا جي فرنٽ مين طور ڪم ڪندو رهيو. آخرڪار ٺيڪو چيني ڪمپني ليمي کي ڏنو ويو، جيڪا هر ڀيري گهٽ اگهن جي آڇ ڪري مقابلي ۾ اڳتي نڪري ويندي هئي. دستاويزن ۾ ڏيکاريو ويو ته هڪ سولر ڪٽ 112.44 ڊالر جي آهي، جنهن تي 39.55 ڊالر ٽيڪس ۽ ڊيوٽي آهي، ٽوٽل 191.79 ڊالر ڏيکاريا ويا، 2 لک ڪٽون 3 ڪروڙ ڊالر جون ٿيون، (8 ارب 45 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ) پر اصل ۾ اها ڪٽ ليمي ڪمپني طرفان رڳو 23.40 ڊالر ۾ درآمد ٿي. اهڙيءَ ريت في ڪٽ تي 89 ڊالر جو فرق کائجي ويو، جيڪو مجموعي طور ڪل 1 ڪروڙ 78 لک ڊالر (4 ارب 95 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ) جي ڪرپشن ۾ تبديل ٿيو. سڀ کان وڏو اسڪينڊل ان وقت سامهون آيو جڏهن ڏيکاريو ويو ته لکين پکا به درآمد ٿيا آهن، پر اصل ۾ ڪا به درآمد نه ٿي. ورلڊ بينڪ کي ڏيکاريو ويو ته ليمي ڪمپني جو پکو ٽيڪس ۽ ڊيوٽي سميت 31.75 ڊالر جو پوندو، 2 لک پکا 63 لک 50 هزار ڊالر (1 ارب 77 ڪروڙ رپيا) ان جا سمورا ڪسٽم ۽ ٽيڪس جا ڪاغذ جعلي ٺاهي ورلڊ بئنڪ کان پئسا ورتا ويا، جڏهن ته عملي طور مقامي ڪمپني تيمور کان پکا خريد ڪري ليبليون لڳائي عوام ۾ ورهايا ويا. دستاويزن موجب ليمي ڪمپني چين مان پکا امپورٽ ڪيا آهن پر ڪسٽم جي رڪارڊ ۾ هڪ ٻي ڪمپني سائوٿ آفريڪا مان پنهنجي ڪنهن ٻئي پراجيڪٽ لاءِ ليٿيم بيٽريون گهرايون آهن، بيونڊ انرجي جو پارٽنر وقاص علي مغل آهي، جيڪو جعفر خواجا جو فرنٽ مين آهي. ان کانسواءِ ڪسٽم جي هڪ ٻئي بل موجب، ايم اي ايل پاڪستان لميٽڊ مليشيا مان تيل گهرايو، ان بل کي استعمال ڪندي به ڪرپشن ڪئي وئي. ورلڊ بينڪ کي هڪ پکو 12 هزار کان مهانگو ٻڌايو ويو هو (2 ارب 40 ڪروڙ رپين جا 2 لک پکا) گهرايا ئي ناهن ويا. 7 هزار رپين وارا مقامي پکا ورهايا ويا جنهن ۾ ڪرپشن هڪ ارب رپين جي ظاهر ٿئي ٿي. ورلڊ بينڪ کي ڏيکاريو ويو ته مائونٽنگ فريم به ليمي ڪمپني کان 22 ڊالر ۾ گهرايو ويندو پر اهو به مقامي طور ڪراچي جي ڪمپني پروگريسو انجنيئرز کان 1 هزار 50 رپين ۾ حاصل ڪيو ويو ۽ جعلي ڪاغذ تيار ڪيا ويا، ان صورت ۾ به هڪ ارب رپيا ڦٻايا ويا. هن سموري ڪاروبار ۾ اڳيان نالا محفوظ قاضي، وقاص علي ۽ جعفر خواجا جهڙن ماڻهن جا اچي رهيا آهن، جيڪي وڏين سياسي شخصيتن جا ويجها ساٿي ٻڌايا وڃن ٿا. نتيجو اهو ٿيو جو عوام جي نالي تي ورتل قرض مان اربين رپيا هڙپ ڪيا ويا، ۽ سنڌ حڪومت جي توانائي منصوبن کي به ڪرپشن جو ڪارخانو بڻايو ويو. ظاهري طور اهو ٽينڊر سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي طرفان ڏنو ويو هو پر جتي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محفوظ قاضي آهي پر اصل ۾ ان تي اثر اڳوڻي نگران وزير جعفر خواجا جو آهي، ان جي منشا کانسواءِ ڪو ٽينڊر ناهي ٿيندو. جعفر خواجا جو فرنٽ مين وقاص علي آهي.واضح رهي ته بلاول ڀٽو جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ بدران ڪجهه عنصرن ان ۾ ڪرپشن ڪري پ پ چيئرمين جي ويزن جي نفي ڪئي آهي،ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي  ته بلاول ڀٽو زرداري کي ان ڪرپشن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.