سوريا ته روهت جو اثر، پنهنجي ٽيم جي رانديگرن جا نالا وساري ويٺو!

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي 12 هين ميچ ۾ ڀارت عمان جي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ٽاس جي موقعي تي ڀارتي ۽ عماني ڪپتان ٽيم ۾ تبديل ٿيل رانديگرن جا نالا وساري ويٺا.
ايشيا ڪپ جي آخري گروپ ميچ ۾ ڀارت جي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي پنهنجي ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ ڦيرڦار جو اعلان ڪندي هڪ رانديگر جو نالو وساري ويٺو.
عمان خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٻه تبديلين ڪيون ويون ، ڪپتان سوريا ڪمار هڪ رانديگر جو نالو ٻڌايو، جڏهن ته ٻئي رانديگر جو نالو وساري ويٺو، ان موقعي تي ميزبان روي شاستري سان مذاق ۾ سوريا ڪمار کي چيو ته سندن يادگيري به اڳوڻي ڪپتان روهت شرما جهڙي ٿي وئي آهي.
ڀارتي ڪپتان کان جڏهن ٽيم ۾ تبديلي بابت پڇيو ويو ته ٻڌايو ته ٽيم ۾ هارشيت رانا کي شامل ڪيو ويو آهي، هڪ ٻيو ڇوڪرو به آهي، مان به روهت جهڙو ٿي ويو آهي.
ان کانپوءِ ۾ اڳوڻي هيڊ ڪوچ روي شاستري واضح ڪيو ته ٻئي رانديگر جو نالو ارشديپ سنگھه آهي، جنهن بمرا جي جاءِ تي ٽيم شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.