ڪابل (ويب ڊيسڪ) بگرام ايئربيس بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي افغان حڪومت جو ردعمل اچي ويو.
افغان پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسان پنهنجي سرزمين تي آمريڪي فوج جي واپسي کي رد ڪيون ٿا، افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي قبول ناهي، افغانستان ۽ آمريڪا کي فوجي مداخلت بنا رابطا رکڻ گهرجن.
افغان حڪومت چيو آهي ته تاريخ گواهه آهي ته افغانستان پنهنجي سرزمين تي ڪڏهن ٻاهرين فوج کي تسليم ناهي ڪيو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسان بگرام ايئربيس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
You might also like