اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشا خانا ٽو ڪيس جي 2 اهم شاهدن جا بيان سامهون اچي ويا، جن اهم انڪشاف ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽ موجب شاهدن ۾ عمران خان جو اڳوڻو ذاتي سيڪريٽري انعام الله شاهه ۽ نجي ائپريزر صهیب عباسي شامل آهن، ٻنهي عدالت آڏو عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن. نجي ائپريزر صهیب عباسي اعتراف ڪيو آهي ته هن بلغاري جيولري سيٽ جي قيمت گهٽ ظاهر ڪئي، جڏهن ته انعام الله شاهه انڪشاف ڪيو ته هن خانگي ائپريزر تي دٻاءُ وجهي قيمت گهٽائڻ لاءِ چيو. صهیب عباسي بيان ۾ چيو ته بلغاري جيولري سيٽ جي ماليت جي سڃاڻپ 25 مئي 2022 تي ڪابينا ڊويزن جي سيڪشن آفيسر کيس سونپي. انعام الله شاهه دٻاءُ وڌو ته سيٽ جي قيمت 50 لک رپيا لڳائي وڃي، ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن قيمت گهٽ نه ڪئي وئي ته کيس سرڪاري ادارن مان بليڪ لسٽ ڪيو ويندو۔ صهیب موجب، هن چيئرمين نيب آڏو معافي گهري، بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ دستخط به ڪيا، مجسٽريٽ آڏو پڻ اعتراف ڪيو ته هن ڊپ جي ڪري جيولري سيٽ جي قيمت گهٽ ظاهر ڪئي.ان بابت نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته بلغاري جيولري سيٽ جي اصل قيمت 7 ڪروڙ 50 لک رپيا هئي، عمران خان نجي ائپريزر کان قيمت 59 لک لڳرائي ۽ رڳو 29 لک رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا.
-
ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران ۽ بشريٰ جي سزا معطلي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي بابت درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊز ڪيس جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن موجب اڳوڻو وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي سزا معطلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ تاريخ رکي وئي آهي. عدالت انهن درخواستن کي 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي، جنهن تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان ڪندا.