افغانستان کان بگرام ايئربيس واپس وٺڻ چاهيان ٿو:صدر ٽرمپ

لنڊن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ بگرام ايئر بيس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔لنڊن ۾ برطانوي وزيراعظم ڪئير اسٽارمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر چيو ته  هيءَ هڪ ننڍڙي بريڪنگ نيوز ٿي سگهي ٿي،اسان پنهنجو فوجي اڏو واپس گهري رهيا آهيون، ان جي هڪ وڏو سبب اهو آهي ته اهو ان هنڌ کان صرف هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي، جتي چين پنهنجا ايٽمي هٿيار تيار ڪري ٿو۔”صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان آمريڪي فوجين جي انخلا کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا اهو چيو آهي ته آمريڪا کي افغانستان ۾ بگرام فوجي اڏو نه ڇڏڻ گهرجي ها جڏهن ته صدر ٽرمپ جي بگرام ايئربيس جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪرڻ جي بيان ۾ برطانوي وزيراعظم حيران رهجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.