واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته قطر تي اسرائيلي حملي تي صدر ٽرمپ ڪاوڙيل آهي پر ان باوجود آمريڪا ۽ اسرائيل جا لاڳاپا متاثر نه ٿيندا، لاڳاپا مضبوط آهن ۽ رهندا.
روبيو موجب ڪيترائي ملڪ قطر ۾ پيش آيل واقعي تي ڪاوڙيل آهن، صدر ٽرمپ يرغمالين جي آزادي ۽ تڪرار جي خاتمي جو خواهشمند آهي ته جيئن اڳتي وڌي سگهجي.
هن چيو ته قطر تي حملي جي اثرن بابت اسرائيلي وزيراعظم سان ڳالهائيندس، جڏهن ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن کي اڳ ئي خبردار ڪيو هو ۽ اسرائيل جو سخت ردعمل انهن ئي فيصلن جو نتيجو آهي.
You might also like