اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب 16 سيپٽمبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن ۾ 4 رپيا 79 پيسا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان شروعاتي ورڪنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پيٽرول هڪ رپيو 54 پيسا، ڊيزل 4 رپيا 79 پيسا، گاسليٽ 3 رپيا 6 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 3 رپيا 68 پيسا في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب اوگرا 15 سيپٽمبر تي حتمي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي، تيل اگهن ۾ واڌ جي حتمي منظوري وزيراظم ڏيندو.
واضح رهي ته ملڪ ۾ ٻوڏ کانپوءِ اڳ ئي عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ شهرين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تيل اگهه وڌڻ سان مهانگائيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو.