اتر ڪوريا ۾ پرڏيهي ڊراما ۽ فلمون ڏسندڙن کي موت جي سزا

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس انڪشاف ڪيو آهي ته اتر ڪوريا ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي دوران پرڏيهي ڊراما ۽ فلمون ڏسڻ تي وڏي انگ ۾ ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ ڪنهن به ٻئي ملڪ جا شهري اهڙي قسم جي سخت پابندين جو شڪار ناهن.
اها رپورٽ 300 کان وڌيڪ اکين ڏٺن شاهدن ۽ متاثر ماڻهن جي انٽرويز تي ٻڌل آهي، جيڪي ملڪ مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ٽرڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اها ئي صورتحال برقرار رهي ته اتر ڪوريائي عوام وڌيڪ تڪليف، خوف ۽ جبر کي منهن ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.