عدليا انصاف جي فراهمي جي سفر ۾ چيلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي: چيف جسٽس

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدليا انصاف فراهم ڪرڻ جي سفر ۾ چيلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، جج يا وڪيل بدران فريادي جو مفاد ترجيح هجڻ گهرجي.
جڊيشل ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گولڊن جوبلي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هن تقريب ۾ شرڪت اعزاز آهي، آزاد ڪشمير جي عدليا عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اڳڀري رهي آهي پر آزاد ڪشمير ۾ به ڪيسن جي انگ ۾ واڌ، ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي ۽ ٻارن ۽ عورتن جي انصاف تائين پهچ جهڙا چيلينج آهن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سپريم ڪورٽ کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرايان ٿو.
هن چيو ته ججن يا وڪيلن بدران فريادي جو مفاد ترجيح هجڻ گهرجي، بينچ ۽ بار وچ ۾ هاڪاري لاڳاپا هجڻ گهرجن، ان کانسواءِ قانون جي حڪمراني ۽ سڌارا ممڪن ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.