ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 100 کان وڌيڪ ٻارڙين کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس اختيارين موجب جوابدار ڪيتري ئي عرصي کان پيسن ۽ انعام جي لالچ ڏئي ٻارڙين کي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو.
جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته جوابدار 2016 کان اهي سنگين ڏوهه ڪري رهيو آهي ۽ هيل تائين ڪيتريون ئي ٻارڙيون ان جي ظلم جو شڪار بڻجي چڪيون آهن.
پوليس موجب متاثر ٻارڙين جي عمر 7 کان 13 سالن جي وچ ۾ آهي، جاچ دوران جوابدار جي موبائل فون مان 100 کان وڌيڪ اهڙيون وڊيوز به برآمد ٿيون، جن ۾ هو ٻارڙين سان زيدتي ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
ان کانسواءِ پوليس جوابدار جي قبضي مان هڪ يو ايس بي به هٿ ڪئي آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ڪيتريون ئي وڊيوز موجود آهن، جوابدار علائقي ۾ رهائش لاءِ هڪ ڪمرو ۽ هڪ دڪان مسواڙ تي ورتو هو ۽ اڪثر ٻارڙين کي ڏٽا ڏئي اتي وٺي ويندو هو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار جون حرڪتون انتهائي ڳڻتيءَ جوڳيون آهن، تنهن ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ ورتو ويو آهي.
You might also like