ٽيم مان نيڪالي، ڌونيءَ سان اختلاف ۽ گڏجي حُقو پيئڻ وارو بيان عرفان پٺاڻ کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پراڻيون ويڊيوز اڪثر نون تڪرارن کي جنم ڏينديون آهن، اهڙي طرح ويجهڙائي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وائرل ٿيندڙ 5 سال پراڻي وڊيو اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر عرفان پٺاڻ کي هڪ ڀيرو خبرن جي سُرخي بڻائي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته عرفان پٺان 2012 ۾ پنهنجي آخري ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کيڏي هئي جنهن ۾هُن 5 وڪيٽون به حاصل ڪيون هيون.
وائرل وڊيو ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر انڪشاف ڪيو هو ته ” مان ميڊيا ۾ اِها خبر ٻڌڻ خبر ٻڌڻ کان پوءِ ته ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني منهنجي بالنگ مان خوش ناهي تي کائنس وضاحت طلب ڪئي هئي.“
هن چيو ته ” ها، مون ماھيءَ ( مهندر سنگهه ڌوني ) کان پڇيو هو، 2008ع واري آسٽريليا سيريز ۾ ميڊيا ۾ بيان آيو ته عرفان سٺي بالنگ نٿو ڪري، مون کي لڳو ته مون سٺي بالنگ ڪئي آهي، تنهنڪري مون ماھيءَ وٽ وڃي پڇيو، ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿي، تنهنڪري مون چاهيو ته معاملو ڪلئير ڪريان.“
عرفان پٺاڻ موجب، ڌوني کيس خاطري ڪرائي ته ”اهڙو ڪجهه ناهي، سڀ حڪمت عملي تحت هلي رهيو آهي “
اڳوڻي آل رائونڊر جو چوڻ هو ته جڏهن توهان کي اهڙو جواب ملي ٿو ته توهان اعتبار ڪري وٺو ٿا ۽ جيڪو ڪري سگهو ٿا اهو ڪريو ٿا، بار بار وضاحت وٺڻ سان پنهنجي عزت نفس کي نقصان پهچندو آهي.“
وائرل وڊيو ۾ عرفان پٺاڻ اِهو به چيو ته کيس نه ته ڪنهن جي ڪمري ۾ حقي لڳائڻ جي عادت آهي ۽ نه ئي بيڪار ڳالهيون ڪرڻ جي “سڀ ڄاڻن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن خاموش رهڻ ئي بهتر هوندو آهي، ڪرڪيٽر جو ڪم ميدان ۾ پرفارم ڪرڻ آهي ۽ مون اهو ئي ڪيو.“
پر هاڻي وري وري عرفان پٺاڻ جي بيان جو حُقي وارو حصو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي ۽ ڪيئي واهپيدار ان کي ڌوني ڏانهن اشارو قرار ڏئي رهيا آهن.
خميس ڏينهن محمد شاميءَ سان هڪ تصوير جي هيٺان هڪ مداح عرفان کان پڇيو ته” پٺاڻ ڀاءَ، اهو حُقو جو ڇا ٿيو، جنهن تي عرفان کلندي جواب ڏنو ته هو ۽ ڌوني گڏجي ويهي پيئندا.“
عرفان اهو به اشارو ڏنو ته وڊيو کي ڄاڻي واڻي موجودا وقت ۾ تڪراري نموني سان ڦهلايو ويو آهي، پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته ” اڌ ڏهاڪو اڳ واري کي هاڻي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، هي يا ته فئن وار آهي يا پي آر لابي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.