اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جي ملازم طرفان مبينا طور ڊيٽا اسپين جي سفارتڪارن کي کپائڻ جي الزام تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ ڪامران صديقي جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ته جوابدار جي وڪيل چيو منهنجي اصيل وٽان ڪا ريڪوري ناهي ٿي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل راجا شفقت چيو ته جوابدار جي هڪ سفارتڪار سان گفتگو پڪڙي وئي آهي، سفارتڪار کي ڊيٽا ۽ سي ڊي آر کپايون ويون آهن، نجي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جو ملازم ڊيٽا وڪرو ڪرڻ جو مجاز ئي ناهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته بادي النظر ۾ اهڙيون شاهديون رڪارڊ تي موجود آهن، جن جو جوابدار سان واسطو ظاهر ٿئي ٿو پر ضمانت جي ڪيس ۾ اهڙي ڪا آبزرويشن نٿا ڏئي سگهون، جنهن سان ٽرائل متاثر ٿئي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اڃا تائين ٽرائل ڇو پيش نه ڪيو ويو؟ چالان پيش ڪيو وڃي.
Prev Post
You might also like