اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اکين جي سوڄ جو وائرس پکڙجڻ جي خطري کي ڏسندي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مريض جي اکين ۾ خارش ۽ پاڻي نڪري ٿو.
وفاقي حڪومت صوبن کي خبردار ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اهو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ جو خطرو آهي.
صحت جي قومي اداري طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته اهو مرض ايڊينو وائرس سان ٿيندو آهي ته تيزيءَ سان هڪ کان ٻئي فرد ۾ منتقل ٿيندو آهي.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته مريض جي اکين ۾ خارش ۽ پاڻي وهندو آهي، جڏهن ته اک گلابي ٿي ويندي آهي، ان مرض جون شروعاتي علامتون ٽي کان پنج ڏينهن ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ان جو مڪمل مدو ٽن هفتن تائين ٿي سگهي ٿو.
ايڊوائزري موجب مريض جيڪي شيون استعمال ڪري، اهي ٻئي کي نه ڪرڻ گهرجن نه ته اهو مرض منتقل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ان مرض جو ڪو مخصوص علاج موجود ناهي ۽ اهو عام طور تي هڪ کان ٻن هفتن ۾ پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي.
You might also like