پيپلزپارٽي جو ٽائون چيئرمين فرحان غني پرڏيهه روانو

ڪراچي (ارباب چانڊيو)  چنيسر ٽائون جو چيئرمين فرحان غني ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي. خانداني ذريعن موجب فرحان غني پهرين مرحلي ۾ سعودي عرب روانو ٿيو آهي جتي هو عمرو ادا ڪندو، جڏهن ته ان کان پوءِ سندس آمريڪا وڃڻ جو به امڪان آهي. کيس ملڪ کان ٻاهر ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته جيئن هو لو پروفائيل ۾ رهي سگهي، ڇو ته هتي رهڻ جي صورت ۾ سندس غيرحاضري ۽ خاموشي تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا هئا. خاندان اندر صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته کيس عارضي طور ملڪ کان ٻاهر رکيو وڃي ته جيئن غيرضروري ڳالهيون ختم ٿي سگهن. ذريعن مطابق، ڪيس ۾ آزادي ملڻ کان پوءِ به خاندان اهو طئي ڪيو ته فرحان غني لاءِ هن وقت لو پروفائيل اختيار ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي، ڇو ته تازين حالتن ۾ سندس دوست گهٽ ۽ دشمن وڌي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سامهون رهڻ سندس لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. مليل ڄاڻ موجب، سعودي عرب ۾ قيام کان پوءِ هو شايد آمريڪا به وڃي. واپسيءَ بعد سندس سياسي مستقبل بابت به حتمي فيصلا خاندان جي مشوري سان ڪيا ويندا. ساڳئي وقت ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته فرحان غني کان پوءِ پيپلزپارٽي جي هڪ ٻئي ٽائون چيئرمين کي به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.