دادو (عوامي آواز نيوز) جي ڊي اي اڳواڻ لياقت جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي بجيٽ جا کربين رپيا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ نه بندن جي لائيننگ ٿئي ٿي، نه ئي ڊرينج سسٽم ٺهي ٿو. هر سال ماڻهو ٻڏي وڃن ٿا پر حڪمران رڳو فنڊن کي هڙپ ڪرڻ ۾ لڳل آهن. هن چيو ته حڪمرانن جو واسطو عوام سان نه پر رڳو پنهنجي پيٽ سان آهي، انهن کي ماڻهن سان ڪا همدردي ناهي هي ڳجهون بڻيل آهن ۽ رڳو پيٽ سان سچا آهن. لياقت جتوئي چيو ته هڪ پارٽي سنڌ ۾ بدنام ترين پارٽي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته جي ڊي اي پيپلزپارٽي جو متبادل بڻجي سگهي ٿي جيڪڏهن عوامي مسئلن تي آواز اٿاري. هن چيو ته عمران خان کي بيگناهه جيل ۾ رکيو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ ئي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام سان گڏ بيٺي آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي صلاحيت به عمران خان وٽ آهي.