ڪراچي ۾ وڳڻ واسي سيڪيورٽي گارڊ ڪهي قتل

وڳڻ/ڪراچي (نمائندن وٽان) وڳڻ ڀرسان ڳوٺ چوديرو جو رهواسي 45 ورهين جو وحيد جتوئي ڪراچي ۾ اڻڄاتل ماڻهن هٿان تيز اوزار سان قتل ٿي ويو. مقتول ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪندو هو. مقتول فوج مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٽن مهينن کان سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪري رهيو هو. پوليس موجب لاش اسپتال منتقل ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ نواز علي جتوئي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ظالمن ظلم ڪيو آهي، پوليس جاچ ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. وحيد جتوئي شادي شده هو ۽ پنهنجي پويان هڪ پٽ، ٽي نياڻيون ۽ بيواهه ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.