ڀارت ستلج ۽ ٻين ندين ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو، پنجاب جي 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ

اسلام آباد/لاهور/ملتان (م ڊ) ڀارت ستلج ندي ۾ پاڻي ڇڏي پاڪستان کي وڏي درجي جي ٻوڏ کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  چناب ۽ راوي ۾ به چاڙهه واري صورتحال آهي. پنجاب ۾ 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. آبي وسيلن واري وزارت موجب پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن آبي وسيلن واري وزارت کي ستلج ۾ ٻوڏ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. آبي وسيلن واري وزارت ٻڌايو ته لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي ٻوڏ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پي ڊي ايم اي پنجاب ۾ اوچي درجي جي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي ۽ 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب ٻوڏ سبب 9 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جن ۾ قصور، اوڪاڙا، بهاولنگر، وهاڙي، لوڌران، بهاولپور، ملتان ۽ مظفر ڳڙهه شامل آهن. فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن مطابق ايندڙ ٽن ڏينهن تائين پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو دٻاءُ برقرار رهڻ جو امڪان آهي. صوبائي آفتن واري انتظاميه پنجاب پاران وڏي پيماني تي ٻوڏ جي خطري جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارت جي آبي جارحيت سبب راوي، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ پاڻي جو دٻاءُ وڌيل آهي،نيناڪوٽ تان وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ بعد ريلو جسٽر ۽ شڪرگڙهه طرف وڌي رهيو آهي، جنهن سبب 3000 کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 150 جانور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. سڌنائي هيڊ ورڪس 1,01,000 ڪيوسڪ جو ريلو آهي، خدشو آهي ته اهو 1.5 لک ڪيوسڪ تائين ٿي سگهي ٿو صوبائي وزير اطلاعات عظمیٰ بخاري چيو ته  برساتن سبب 35 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ساهيوال، ملتان، جھنگ لودھراں، بهاولپور، ملتان، مظفرڳڙھ کي خطرو آهي. سيالڪوٽ، گجرات، چنيٽ، حافظ آباد متاثر ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.