مسلسل ناڪامين تي محمد حارث آپي کان ٻاهر، بيٽ ڀڃي ڇڏيائين

شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز ۾ يو اي اي خلاف ميچ دوران محمد حارث جلدي آئوٽ ٿيڻ تي آپي مان نڪري ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي بيٽ ڀڃي ڇڏيائين.
محمد حارث گذريل ڪيترين ئي ميچن ۾ وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، گذريل ڏينهن يو اي اي خلاف ميچ ۾ به هو رڳو هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر سيريز جي پهرين ميچ ۾ افغانستان خلاف به سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري هئي، جڏهن ته گذريل رات يو اي اي خلاف ميچ ۾ جلدي آئوٽ ٿيڻ تي هن ڪاوڙ ۾ پنهنجي بيٽ ڀڃي ڇڏي.
محمد حارث طرفان بيٽ ڀڃڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي شوقينن طرفان کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.