اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ امدادي ڪارروائين لاءِ صوبن سان گڏ بيٺا آهيون، سرندي وارا اڳتي اچن ۽ متاثرن جي مدد ڪن.
اين ڊي ايم اي چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيل 8 لک ماڻهن جي سار سنڀال اسان جي ترجيح آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ٻئي ذاتي طور حالتن جي نگراني ڪري رهيا آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي.
ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر چيو ته ٻوڏ جي اڳواٽ وارننگ جي ذميواري اين ڊي ايم اي جي آهي ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان درست اڳڪٿيون ڪيون آهن.
هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ چوماسي برساتن جو امڪان آهي، چوماسي جو آخري اسپيل سيٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ ايندو پر ان ۾ وڌيڪ شدت نه هوندي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت جهلم درياهه ۾ تمام گهڻو وهڪرو ناهي، جڏهن ته چناب، راوي ۽ ستلج جي وهڪرن جو دٻاءُ آهي، 4 کان 5 سيپٽمبر تي انهن درياهن جا سمورا وهڪرا گڊو بيراج واري هنڌ گڏ ٿيندا پر ان کان اڳ وهڪرن جي رفتار ۽ پاڻي جو مقدار گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو.
اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 850 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
سيپٽمبر ۾ هڪ ٻيو برساتي سسٽم، سنڌ ۾ ٻوڏ: اين ڊي ايم اي چيئرمين خبردار ڪري ڇڏيو
You might also like