شارجا (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ٽي ملڪي سيريز ۾ ڪاميابين کي ٻوڏ متاثرن جي نانءِ ڪري ڇڏيو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مائيڪ هيسن چيو ته اسان مسلسل ڪاميابيون پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي نالي ڪيون ٿا، ڪجهه ماڻهو هن وقت تڪليف ۾ آهن، انهن جي حفاظت لاءِ دعاڳو آهيون.
واضح رهي ته پاڪستان ٽي ملڪي سيريز ۾ افغانستان ۽ يو اي اي جي ٽيمن کي شڪست ڏني آهي.
You might also like