الله پاڪ ڪرڪيٽر شاداب خان کي ”رحمت“ سان نوازي ڇڏيو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان پيءُ بڻجي ويو.
شاداب خان ايڪس تي پنهنجي مداحن کي ڌيءُ جي پيدائش جي خوشخبري ڏني، هن پوسٽ ۾ ننڍڙي جي پيرن جي تصوير شيئر ڪئي.
آل رائونڊر لکيو ته الحمدالله، الله پاڪ اسان کي خوبصورت ڌيءُ جي صورت ۾ پهرين اولاد سان نوازيو آهي، ان نعمت تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، اسان کي اهو نئون سفر شروع ڪرڻ تي پنهنجي دعائن ۾ شامل رکو.
واضح رهي ته شاداب خان قومي ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق جو نياڻو آهي.
هوڏانهن ثلقين مشتاق به پنهنجي ڏوهٽي سان گڏ تصوير شيئر ڪري خوشي جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.