پاڪستان ۽ آرمينيا سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آرمينيا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته هن ۽ آرمينيا جي پرڏيهي وزير آرات مير زويان چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي گڏيل پڌرائي تي صحيحون ڪيون ۽ ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اسحاق ڊار موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ معيشت، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.