لاهور (ويب ڊيسڪ) پتوڪي جو اسسٽنٽ ڪمشنر فرقان احمد ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
پي ڊي ايم اي پنجاب طرفان جاري ڪيل بيان موجب فرقان احمد راوي درياهه ۾ هيڊ بلوڪي ۾ ٻوڏ متاثر علائقي ويل هو ته ان ئي دوران کيس دل جو دورو پيو.
واضح رهي ته پنجاب جي ٽن درياهن ۾ هن وقت ٻوڏ جي صورتحال آهي ۽ مختلف حادثن ۾ هيل تائين 33 ڄڻا فوت ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.
You might also like