ڪشمور (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب 11 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ايندو، تنهن ڪري اسان کي سپر فلڊ جي تياري ڪرڻي آهي.
ڪشمور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به طريقي سان انساني جانين ۽ لائيو اسٽاڪ جي حفاظت ڪيون، پاڻي 9 لک اچي يا 10 لک ان ۾ ڪچي جو علائقو ته ٻڏندو، اسان سموري ڄاڻ ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته اين ڊي ايم اي سان گڏجي تياري ڪيو.
هن چيو ته اسان آرمي سان به رابطي ۾ آهيون، آرمي جي ٽيم به اسٽينڊ باءِ تي آهي، سڀ کان پهرين ڪوشش هوندي ته انساني جانيون ضايع نه ٿين، 192 ٻيڙيون اين ڊي ايم اي جون آهن، جيڪي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڏينديون، انساني جانين ۽ لائيو کي بچائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو آهي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي، ماڻهن کي چوندس ته انتظاميا سان سهڪار ڪن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان ماڻهن، چوپائي مال، بيراجن ۽ بندن کي بچائي وياسين ته ٻوڏ کي منهن ڏئي وينداسين، اميد ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻي لهي ويندو، پاڻي لهڻ کانپوءِ ماڻهن کي جلد کان جلد انهن جي گهرن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جن گهرن کي نقصان ٿيندو، اهي بلاول جي هدايت تي ٺاهي ڏينداسين، فصلن کي نقصان ٿيو ته به حڪومت ازالو ڪندي، عوام کي اپيل آهي ته پريشان نه ٿئي، صبر کان ڪم وٺي، حڪومت توهان سان گڏ آهي.
”پهرين ڪوشش انساني جانين ۽ چوپائي مال جي حفاظت آهي، مالي نقصان جو حڪومت ازالو ڪندي“
You might also like