ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) بن قاسم ۾ پوليس اهلڪار جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي کي شڪ آهي ته ان واقعي سميت ڪيترن حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي ملوث ٿي سگهي ٿي. 27 آگسٽ تي شاهه لطيف ٽائون ۾ مقرر هيڊ ڪانسٽيبل مٿرو خان کي پپري وٽ موٽر سائيڪل سوارن گولين جو نشانو بڻايو. ان کان اڳ به 18 آگسٽ تي پوليس آفيسر محمد خان ابڙو کي قتل ڪيو ويو هو. سي ٽي ڊي آفيسر راجا عمر خطاب موجب شدت پسند نون سوشل ميڊيا پليٽفارمن تي ذميواريون قبول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه دعوائون شڪ پيدا ڪن ٿيون.