” هن سال برسات سبب تيز برساتون ٿيون“ مريم نواز جي جملي تي دلچسپ تبصرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب وزيراعليٰ مريم نواز چرفان راوي درياءَ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيل جملو ’’برسات سبب تيز برسات ٿي ‘‘ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد دلچسپ تبصرن جو طوفان اچي ويو آهي.
پنجاب هن وقت وڏي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جتي ڪيترن ئي ضلعن جا سوين ڳوٺ مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ٻوڏ جي سبب مختلف حادثن 20 ڄڻن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
اختيارين موجب، ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ 15 لک ماڻهو عارضي طور بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته لاهور جي ڀرپاسي وارا علائقا به مڪمل طور ٻوڏ هيٺ اچي ويا آهن.
اٽڪل اڌ صديءَ بعد راوي درياءَ ۾ وڏو وهڪرو اچڻ کانپوءِ مريم نواز درياءَ جو دورو ڪندي ميڊيا کي آگاهي ڏني ته صوبي ۾ هن سال شديد برساتون ٿيون، ان موقعي مريم نواز جي زبان اٽڪي پئي جنهن دوران هن چيو ته ”هن سال برسات جي ڪري تيز برساتون ٿيون.“
مريم نواز جو اهو جملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجه ماڻهن لکيو ته ”مريم نواز جو بيان دراصل اهو آهي ته جڏهن گهڻو مِينهن وَسَي ٿو ته وڌيڪ پاڻي اچي ٿويعني بلاول ڀٽو جي مشهور جملي جو نئون ورزن آهي.“
ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ” مريم نواز به بلاول ڀٽو جي اسٽائل ۾“، جڏهن ته ٻين مٿس ٺٺول ڪندي لکيو ته ” ننڊ سبب سخت ننڊ اچي رهي آهي.“
هڪ واهپيدار لکيو ته ” روئڻ سبب اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.“ جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن لکيو ته هو” اڪيلائي ڪري تنها ٿي ويا آهن.“ جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته ” بلاڪ ڪرڻ سبب هن ڏانهن پيعام نه ٿو اچي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.