7 ورهين جي ٻارڙي جو لاش قبر مان گم؟ حقيقت سامهون اچي وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي ڌميال ٿاڻي جي علائقي گرجا روڊ قبرستان ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي علينا جو لاش مبينا طور قبر مان گم ٿيڻ جي معاملي تي جاچ کانپوءِ حقيقت سامهون اچي وئي.
شروعاتي طور اها خبر سامهون آئي هئي ته قبر مان ٻارڙيءَ جو لاش گم آهي، جنهن تي پيءُ جي درخواست تي عدالت معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ جڊيشل ميجسٽريٽ سيد علي جوان نقوي جي سربراهي ۾ قبر ڪشائي جا حڪم جاري ڪيا ويا.
عدالت جي هدايت تي پوليس، ميڊيڪل بورڊ، قبرستان انتظاميا ۽ عدالتي عملو موقعي تي موجود رهيو، قبر ڪشائي جي عمل دوران ٻارڙيءَ جو مڙهه قبر ۾ موجود آهي ۽ اهڙيون خبرون بي بنياد نڪتيون، جنهن کانپوءِ علينا جي ٻيهر تدفين ڪئي وئي.
واضح رهي ته ٻارڙي جي پيءُ عدالت سان رابطو ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڌيءٌ 26 آگسٽ تي لاڏاڻو ڪري وئي پر تدفين کانپوءِ جڏهن هو دعا لاءِ قبرستان ويا ته قبر ڀرسان ڪفن پيو هو، جنهن تي هنن خدشو ظاهر ڪيو ته لاش گم ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.