ڪراچي ۾ کير جي اگهه جي معاملي تي عدالت جو حڪم اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي اگهن جي معاملي تي ڪراچي جي ڪمشنر کي حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي ڪمشنر طرفان کير جا اگهه مقرر ڪرڻ خلاف ڊيري فارمز جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي ته وڪيل چيو ڪمشنر کي اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت بنا اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ناهي، عدالت ڪمشنر کي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان ميٽنگ کانپوءِ اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڃا تائين ميٽنگ ناهي گهرائي وئي، بنا مشاورت جي اگهه مقرر ڪيا پيا وڃن.
عدالت هڪ مهيني ۾ ڪمشنر کي اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته مشاورت کانپوءِ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.