منيبا مزاري گڏيل قومن جي ”پائيدار ترقي جي هدفن“ جي وڪيل مقرر

سماجي ڪارڪن ۽ يو اين وومين جي نيشنل گڊ ول ايمبيسڊر منيبا مزاري کي گڏيل قومن جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن جي وڪيل طور مقرر ڪيو ويو آهي.
يو اين وومين پنهنجي پڌرائي ۾ ٻڌايو ته منيبا مزاري جي مقرري پاڪستان ۽ عالمي سطح تي صنفي برابري ۽ سماجي انصاف کي وڌائڻ لاءِ سندس ڪوششن جي اعتراف ۾ ڪئي وئي آهي.
ان مقرري کان پوءِ منيبا مزاري عالمي اڳواڻن ۽ اثرائتي شخصيتن جي هڪ گروپ ۾ شامل ٿيندي، جنهن ۾ بارباڊوس جي وزيراعظم ميا موٽلي ۽ بيلجيم جي راڻي ميٿيلڊا به شامل آهن.
اهو گروپ 2030 جي پائيدار ترقي لاءِ آگاهي ڏيڻ جي ايجنڊا، عملي قدم کڻڻ جي همت افزائي ڪرڻ ۽ ان جي حمايت حاصل ڪرڻ تي ڪم ڪندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريس پنهنجي خط ۾ منيبا مزاري جي متاثر ڪندڙ اڳواڻي کي ساراهيندي چيو ته هوءَ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ تحريڪ ۽ صنفي برابريءَ تي هڪ نمايان آواز طور سڃاتي وڃي ٿي.
پنهنجي مقرريءَ بابت ڳالهائيندي منيبا مزاري چيو ته اهو رڳو هڪ عهدو نه پر هڪ ذميواري آهي ته مان پنهنجو آواز انهن لاءِ استعمال ڪريان، جن جي ڳالهه اڃا تائين نه ٻڌي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.