ڪراچي (رپورٽر)چارلس گُڊمَن باضابطه طور تي ڪراچي ۾ واقع آمريڪي قونصل خاني ۾ قونصل جنرل جي حيثيت سان عهدو سنڀالي ورتو آھي، جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي دائمي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هڪ اهم ڪوشش آھي.قونصل جنرل گُڊمَن آمريڪي پرڏيهي معاملن جو سينيئر ڪيريئر سفارتڪار آهي ۽ وسيع تجربو رکي ٿو. تازو ئي هو نيوزي لينڊ ۾ آمريڪي مشن ۾ انتظامي مشير يعني مئنيجمنٽ ڪائونسلر طور ذميواريون نڀائيندو رهيو آهي، ان کان اڳ هو ڪوسوو جي پريسٽينا ۾ انتظامي مشير ۽ قائم مقام ڊپٽي چيف آف مشن جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪا آھن.سندن نمايان خدمتن ۾ سيڪريٽري جي ايگزيڪيوٽو آفيس ۾ جنرل سروسز ٽيم جي قيادت شامل آهي، جڏهن ته ليما، پيرو ۾ نشي ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن معاملن واري سيڪشن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور خدمتون پڻ سرانجام ڏيئي چڪا آهن.گُڊمَن جون ٻيون سفارتي تقرريون ليٽويا، جارجيا، پاڪستان ۽ ارجنٽائن ۾ رهيون، جيڪي سندن عالمي پس منظر ۽ گوناگون تجربن جي عڪاسي ڪن ٿيون. سندس مختلف ملڪن ۽ شعبن جو پس منظر ۽ قيادتي صلاحيتون خاص طور تي اقتصادي ترقي، واپاري تعاون ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي مضبوطيءَ ذريعي آمريڪا–پاڪستان ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. گُڊمَن سنڌ ۽ بلوچستان جي شهرين سان ماڻهن جي سطح تي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڏيندا.قونصل جنرل جي حيثيت سان پنهنجو ڪم شروع ڪندي، گُڊمَن سيڙپڪاريءَ جي همٿ افزائي سميت تجارتي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل خوشحالي جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هو آمريڪي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي