پاڻيءَ جي نوَن ذخيرن جي تعمير وقت جي گهرج آهي، ڪيئي ڊيم ٺاهي سگهون ٿا: وزيراعظم

نارووال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مستقبل ۾ ملڪي سطح تي سڀ کان وڏو چئلينج ماحولياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ هوندو، پاڻيءَ جا نوان ذخيرا ٺاهڻ وقت جي اهم گهرج آهي.
نارووال ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته برساتن سبب گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ شديد ٻوڏ وهڪرا گذري رهيا آهن، ٻوڏ ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي اسان سڀني کي افسوس آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت، ريسڪيو، پوليس ۽ آبپاشي کاتو ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن تي مان کين دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ٽيم ورڪ جي ڪري نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم چيو ته 2022 ۾ به اهڙي وڏي آفت آئي هئي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۽ بلوچستان کي منهن ڏيڻو پيو هو، لکين ايڪڙ تي تيار فصل ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويا هئا.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي ماحولياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، ان ڪري مستقبل ۾ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پلاننگ لازمي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڻيءَ جا نوان ذخيرا اڏڻ وقت جي ضرورت آهي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا، ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻي پوندي ۽ اسان وٽ ڪيئي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.