احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي رمضان المبارڪ ۾ پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ڏنو آهي.
گذريل رمضان دوران هڪ ميچ ۾ميدان تي محمد شاميءَ کي انرجي ڊرنڪ پيئندي ڏٺو ويو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
هاڻي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ تازو انٽرويو ۾ محمد شامي پهريون ڀيرو ميچ دوران روزو ڇڏڻ ۽ ميدان تي انرجي ڊرنڪ پيئڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان 42 يا 45 سينٽي گريڊ گرمي پد ۾ ميچ کيڏندا آهيون، پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهندا آهيو، اسان جي مذهب ۾ به ان حوالي سان رعايت موجود آهي.
ڪرڪيٽر چيو ته جيڪڏهن توهان سفر ۾ آهيو ۽ ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو يا اهڙي صورتحال ۾ آهيو جتي روزو رکڻ ممڪن ناهي ته اسلام ۾ روزو ڇڏڻ جي اجازت آهي.
شامي جو چوڻ هو ته ماڻهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته رانديگر ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ قرباني ڏئي رهيو آهي، پوءِ ان جي تلافي به ڪري سگهجي ٿي، جيڪا مون ڪئي هئي.
پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد بابت ڪرڪيٽر چيو ته مان هاڻي سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کي بلڪل به سنجيده نٿو وٺان، ڇاڪاڻ ته منهنجا هڙئي اڪائونٽس منهنجي ٽيم جي حوالي آهن.
هن چيوته ڪجهه ماڻهو رڳو شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ناڪاري تبصرا ڪندا آهن، مان ڪڏهن به ڪمينٽس نه پڙهندو آهيان، منهنجي ٽيم ئي منهنجا اڪائونٽس هلائي ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ٽيم جو تجربيڪار فاسٽ بالر محمد شامي هن وقت ٽنهي فارميٽس ۾ مستقل جڳهه ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، کيس ايشيا ڪپ 2025 لاءِ به ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو .