گوگل ميپ جي ٻڌايل رستي تي هلندڙ فيملي درياهي وهڪري ۾ لڙهي وئي، 4 ڄڻا فوت

جئپور((ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ گوگل ميپ کي فالو ڪندي وين ۾ سوار هڪ فيملي درياهه ۾لڙهي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اِهو حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن هڪ فيملي مذهبي سفر تان واپس موٽي رهي هئي.
وين جو ڊرائيور گوگل ميپ جي مدد سان رستو ڳولي رهيو هو، گوگل ميپکين” سومي اپريڊا پ“ ڏانهن وٺي ويو، جيڪو ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل هو.
پوليس موجب، وين پل تي پهچي ڦاسي وئي ۽ بدقسمتي سان درياهه جي تيز وهڪري ۾ لڙهي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ 2 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن، جڏهن 5 ڄڻن کي ريسڪيو اهلڪارن ۽ مقامي ماڻهن بچائي ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ ٻارڙو اڃا تائين لاپتا آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.