پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ترڪ صدر طرفان مدد جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جي وچ ۾ ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو آهي.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان ملڪ تازي ٻوڏ ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.
ترڪ صدر پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ترڪي امدادي ڪارروائين ۾ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ڏکئي وقت ۾ مدد جي آڇ تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هيءَ ٽيلي فون ڪال پاڪستان ۽ ترڪي جي مضبوط، ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي، ٻئي ملڪ هميشه هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.