ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر+ بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ بابت تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ تازي ٻوڏ سبب آيل تباهي ۽ موسميات کاتي جي جديد وارننگز کي نظر ۾ رکندي، صوبي ۾ فوري قدم کڻڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون. وزيراعليٰ چيو ته سنڌو درياءَ جي گڊو ۽ سکر وارن هنڌن تي 4 ۽ 5 سيپٽمبر تي وڏي سطح جي ٻوڏ جو امڪان آهي، تنهن ڪري سڀئي لاڳاپيل ادارا هوشيار رهن ۽ صوبائي چوماسي ايمرجنسي پلان 2025 تحت عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو 24 ڪلاڪ الرٽ رهن، بندن ۽ آباديءَ جي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ ضروري سهولتون جيئن ته تنبو، راشن جا ٿيلها، ٻيڙيون، دوائون ۽ مشينري مهيا ڪريون وڃن. هن وڌيڪ چيو ويو ته وزيراعليٰ مختلف وزيرن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن کي درياءَ سنڌ جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري تي مقرر ڪيو آهي ته جيئن بندن ۽ خطري وارن علائقن جي صورتحال جو سڌو سنئون جائزو وٺي سگهن. وزير اعليٰ صحت کاتي کي هدايت ڏني وئي آهي ته پاڻيءَ سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ ميڊيڪل ٽيمون ۽ حفاظتي ويڪسين مهم فوري طور تي شروع ڪيون وڃن . مڪاني ادارن ۽ ريسڪيو اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته هو هنگامي طور ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ وڏي مشينري ۽ محفوظ پناهه گاهن جي فراهمي يقيني بڻائين.هوڏانهن اين ڊي ايم اي چئيرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي، جنهن لاءِ نئشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي طرفان هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي پاران سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياريون مڪمل ڪيون وڃن. پريس ڪانفرنس دوران، جيڪا وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ ۽ پاڪ فوج جي ترجمان سان گڏ ٿي، چئيرمين اين ڊي ايم اي انعام حيدر ملڪ چيو پنجاب ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل خاندانن جون ڪهاڻيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته صورتحال انتهائي نازڪ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت سان گڏجي صورتحال بابت معلومات جو ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهي، هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. چئيرمين اين ڊي ايم اي، ليفٽننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي، جنهن لاءِ نئشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) طرفان هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي پاران سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياريون مڪمل ڪيون وڃن. پريس ڪانفرنس دوران، جيڪا وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ ۽ پاڪ فوج جي ترجمان سان گڏ ٿي، چئيرمين اين ڊي ايم اي انعام حيدر ملڪ چيو ته هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت سان گڏجي صورتحال بابت معلومات جو ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهي، هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي.