مٺي/ڏيپلو(رپورٽ:غازي بجير/ساگر ڏيپلائي) ڏيپلو ڀرسان ڳوٺ ويڙيجهپ ۾ نوجوان ناري جو گولي لڳل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو ٻيو رخ اختيار ڪري ويو آھي،نوجوان نياڻي ثمينه ڌي ملوڪ درس کي پيءُ پاران گولي ھڻي قتل ڪرڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي،گذريل ھڪ رات اڳ ۾ نياڻي جي لاش کي پيءُ ۽ ماءُ پوسٽ مارٽم لاءِ ڏيپلو اسپتال کڻائي آيا،رات جو 9 بجي اسپتال پھتل ناري جو لاش ليڊي ڊاڪٽرياڻي ڊيوٽي تي نه ھجڻ سبب 18 ڪلاڪ اسپتال جي مرده خاني ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پيل رھيو،پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ بعد معاملو ميڊيا ۽ سوشل ميڍيا تي ڀڙڪي پيو،نوجوانن پاران معاملو ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ بعد ننگرپارڪر جي ايم پي اي قاسم سومرو پاران نوٽيس ورتو ويو ۽ تڪ جا چونڊيل نمائيندا ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله خاموش رھيا،جڏهن ته ڏيپلو اسپتال ۾ مقرر ٻه ليڊي ڊاڪٽرن مان هڪ ليڊي ڊاڪٽر طاهره هڪ مهيني کان ڊيوٽي تان غير حاضر آهي،جنهن جي ڪري لاش 18 پوسٽ مارٽم ٿي نه سگهيو،جنهن جو ڊي ايڇ او نوٽيس وٺندي ايم ايس ڏيپلو کان ڪاروائي جي لاءِ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي،ڊيوٽي تي موجود ليڊي ڊاڪٽر ڏينهن جو ڊيوٽي ڪرڻ جو چئي فون بند ڪري ڇڏيو،جنهن جي ڪري نوجوان ناري جو گولي لڳل لاش 18 ڪلاڪ تائين اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل رهيو،18 ڪلاڪن بعد ساڳئي ڊاڪٽرياڻي کي گھرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو،ناري جي پيءُ ۽ ماءُ چيو ته اسان غريب آهيون ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي جو پوسٽ مارٽم ٿئي،اميرن جي جانورن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر گهر پهچي وڃن ٿا پر اسان غريبن جو اسپتال ۾ لاش به پوسٽ مارٽم نٿو ٿئي،ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي مقامي تڪ جي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله مڪمل خاموش رھيا،مقامي نمائندن جي خاموشي تي انسانيت رکندڙ ماڻهن پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي،ٿر جي عوام پاران سوشل ميڊيا تي مقامي چونڊيل نمائندن کي بار بار تنقيد جو نشانو بڻائڻ باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو ھوڏانهن ھن رات دير سان ڏيپلو پوليس ڪيس جي حوالي سان شڪ جي بنياد تي ناري جي پيءُ ملوڪ درس ۽ ماءُ کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي،جنهن تي پيءُ پنهنجي نياڻي کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو،پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار جي ڳولا سميت وڌيڪ جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.
پوسٽ مارٽم ۾ دير جو ڊي ايڇ او نوٽيس ورتو
مٺي:ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي هڪ ناري جي پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿيڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر جئي پرڪاش جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل انڪوئري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي،انڪوائري ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر چندر شرما ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ميمبر طور شامل هوندا,انڪوائري ڪميٽي تعلقي اسپتال ڏيپلي ۾ ناري ثمينه درس جي پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿيڻ جا سبب ڳوليندي ۽ ذميواري فڪس ڪندي,انڪوائري ڪميٽي کي 24 ڪلاڪن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي،
تڪ جا چونڊيل نمائندا معاملي کان لاتعلق بڻيل رهيا
مٺي:تڪ جو ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله 18 ڪلاڪن تائين پوسٽ مارٽم لاءِ پيل لاش کي نظرانداز ڪري چڏيو،انھي سان گڏ ڊي سي،ڊي ايچ او،اي سي،اسپتال جو ايم ايس،مختيارڪار،ايس ايڇ او سميت ضلعي توڙي تعلقي جي انتظاميا سموري معاملي جو تماشو ڏسندي رھي،ڪنھن کي به انسانيت جو درد محسوس نه ٿيو،ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي پريشر بعد انتظاميا حرڪت ۾ آئي،
اسپتال جو ايم ايس سفارشي، عملو به پڇاڻي کان آجو
مٺي:ڏيپلي اسپتال جو ايم ايس سفارشي،عملو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ڪونھي،ايندڙ مريض پريشان ٿيو وڃن،قتل ٿيل ناري جي لاش جو 18 ڪلاڪن تائين اسپتال جي مرده خاني م پيل رھيو پر ايم ايس آرام سان ننڊ ڪندو رھيو،