لوڌران (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جهانگير ترين لوڌران جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جهانگير ترين پنهنجي بيان ۾ چيو ته متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ انهن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.
هن چيو ته مان پنهنجي ٽيم کي فوري طور رليف سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن ۾ مشينري موڪلي بند ٻڌڻ ۾ مدد، متاثرن ۾ راشن ۽ ضروري شين جي ورهاست شامل آهي، قدرتي آفتن ۾ قومي يڪجهتي ضروري آهي.
You might also like