اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) خبردار ڪيو آهي ته خيرپختونخوا ۽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي.
اين ڊي ايم اي سنڌ لاءِ ٻوڏ هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي طرفان سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته امڪاني ٻوڏ جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام مڪمل ڪيا وڃن.
اسلام آباد ۾ وزير سڌ سماءُ عطاءُ الله تارڙ ۽ پاڪ فوج جي ترجمان احمد شريف چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته ” ايندڙ ڏينهن ۾ ڪوٽڙي يا گدو بئراج وٽ جيڪو دٻاءُ ايندو، ان بابت سنڌ حڪومت سان معلومات شيئر ڪئي ويندي.“
هن وڌيڪ چيو ته جن علائقن ۾ لڏپلاڻ ضروري هوندي، انهن جو ڊيٽا پڻ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ سان سان شيئر ڪئي ويندي.