دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ جي نئين پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار ون ڊي رينڪنگ موجب، ڀارت جي شُڀمَن گِل جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته روهت شرما ٻئي ۽ اڳوڻو پاڪستان ڪپتان ٽئين نمبر تي موجود آهن.
ون ڊي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ هڪ درجو ترقي ماڻڻ بعد 11 هين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي، جڏهن ته پاڪستان ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان ٻه درجا ترقي بعد 25 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي مچل مارش چار درجا بهتري سان 44 هين، جڏهن ته سندس هم وطن جوش اينگلس 23 ڏاڪا مٿي چڙهندي 64 هين ۽ ڪئمرون گرين 40 درجا ترقي بعد 78 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي گودا ڪيش موتي هڪ درجو ترقي بعد 10 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي لونگي نگيڊي 6 درجا ترقي کانپوءِ 28 هين نمبر ي موجود آهي جڏهن ته ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني بالر شامل نه آهي، شاهين آفريدي هڪ درجو ترقي ماڻڻ کانپوءِ 14 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي آل رائونڊرز ۾ افغانستان جي عظمت الله عمرزئي جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي.
You might also like